شھدادپور پوليس عدالتي حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، فريادي کي ٿاڻي جا چڪر ڪٽرائڻ جو انڪشاف

0
279

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پوليس عدالتي حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، زيادتي ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ فريادي کي ٿاڻي جا چڪر ڪٽرائڻ جو انڪشاف، جيئي لطيف ڪالوني واسڻ 20 ورهين جي ناري انيتا سان مبينا زيادتي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ويل ناري جي پيءُ فريادي علي حسن جسڪاڻي کي پوليس موٽائي ڇڏيو، ايڊيشل سيشن ڪورٽ گذريل ڏينهن پوليس کي ناري سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي فيصلي بعد به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شھر جي بااثر ڌرين جو متاثر خاندان کي ڪيس داخل ڪرائڻ بجاءِ راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، واضح رهي ته جٽيا پاڙي واسي علي حسن جسڪاڻي ڌي سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءَ عدالت سان رابطو ڪيو، جنهن تي عدالت سڳوري ڪالھ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.