ميرپورساڪرو: جيپ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، ھڪ زخمي

0
303

ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري گھارو روڊ ملڪ واھ اسٽاپ ڀرسان جيپ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جيپ جي ٽڪر ۾ ڌڻي بخش ملاح ۽ محمد حسن ملاح فوت ٿي ويا، بشير ملاح سخت زخمي ٿي پيو، فوتين ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ساڪرو آندا ويا، فوتي ميرپور ساڪرو لڳ ھاري ٿي آيا ھئا سندن اصل تعلق بدين کوسڪي جي ڳوٺ شريف کوسو سان ٻدايو پيو وڃي جيڪي لڌيا اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ سومار شاھ ۾ ھارپي لا عارضي طور تي ويٺل ھئا، فوتين جي لاشن کي ضروري ڪارواين کانپو وارثن حوالي ڪيو ويو.