عورت فوتي مڙس جي مورتي ٺاهي پوڄا ڪرڻ لڳي

0
313

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) عورت فوتي مڙس جي مورتي ٺاهي پوڄا ڪرڻ لڳي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست انڌرا پرديش ۾ پدماوتي نالي عورت جو مڙس 4 سال اڳ 2017 ۾ فوت ٿيو هو جڏهن ته عورت مڙس جي نالي ننڍو مندر ٺاهي ان ۾ سندس مورتي رکي ڇڏي آهي، پدماوتي روز مندر ڏانهن وڃي مڙس جي مورتي جي پوڄا ڪري ٿي ان حوالي سان پدما وتي جو چوڻ آهي ته مڙس روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو ۽ خواب ۾ اچي مندر ٺاهڻ جو چيو انڪري سندس نالي سان مندر ٺاهيو آهي ۽ روز وڃي نه رڳو سندس مورتي جي پوڄا ڪندي آهيان پر غريبن ۾ کاڌو به ورهائيندي آهيان.