آسمان تي انساني چهرو ظاهر، ماڻهن ۾ هراس پکڙجي ويو

0
1448

ڪيمبرا(دلچسپ نيوز) ڪيميرا ۽ فوٽوگرافي جو شوق آهستي آهستي فن بڻبو پيو وڃي جنهن جي ڪري توهان ڪٿي به، ڪڏهن ۽ ڪهڙي به وقت ڪنهن به لمحي کي يادگار بڻائي سگهو ٿا.فوٽو گرافي هاڻي رڳو شادين يا مختلف تقريبن جو حصو ناهي رهي پر ان جو دائرو ايترو ته وڌي ويو آهي جو هاڻي هر شيءِ جي فوٽو گرافي لاءِ الڳ الڳ شعبو ٺهي چڪا آهن.پوءِ ڀلي اهي ويڊنگ فوٽو گرافي هجي يا وائلڊ لائيف فوٽو گرافي هجي پر هاڻي ته نيچر فوٽو گرافي به ٿيڻ لڳي آهي جنهن جي ڪري قدر جي سهڻي ۽ خوبصورت نظارن کي ڪيميرا جي اک ۾ قيد ڪري سگهجي ٿو.اڄ اسان اهڙي ئي قسم جي هڪ تصوير جو ذڪر ڪنداسين جنهن ۾ آسمان تي انساني چهرو ڏيکاريو ويو آهي.تازو آسٽريليا جي هڪ نوجوان جهُڙ جو اهڙو فوٽو ڪڍيو آهي جو ڏسندڙ حيران ٿي ويا آهن.ان فوٽو کي غور سان ڏسڻ سان ائين محسوس ٿيندو ته ڪير جهُڙ جي وچ مان زمين ڏانهن ليئو پائي ڏسي رهيو آهي پر اهو چهري جهري شبيهه آهي جيڪا جهُڙ جي ملي وڃڻ سان مختلف صورتن ۾ نظر ايندي رهندي آهي.چوڏهن سالن جو جرويس سمالمان آسٽريليا جي اولهه واري علائقي جو رهائوڪو آهي، جنهن گذريل هفتي جهُڙ جو ڪجهه تصويرون ڪڍيون آهن.