نوابشاهه ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

0
183

نوابشاهه(ن پ ا) نوابشاهه ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، سانگهڙ روڊ تي 26 سالن جي نوجوان غلام مرتضيٰ پٽ غفور ڀٽو کي صبح فجر جي وقت نامعلوم هٿياربند گوليون هڻي ماري ڇڏيو، مقتول ڳوٺ مختيار آرائين جو رھواسي ھو جيڪو سانگهڙ روڊ تي پلاٽنگ جي اسڪيم تي چوڪيدار ھو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کي اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.