ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري مزاحيا فنڪار عمر شريف جي آمريڪا منتقلي لاءِ انتظام مڪمل، سڀاڻي پرڏيهه روانگي جو امڪان، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته عمر شريف ۽ سندس گهر ڀاتين جي آمريڪي ويزا سميت ٻيون گهرجون پوريون ٿي ويون آهن، سنڌ حڪومت پاران گهرايل ايئرايمبولينس به اڄ ڪراچي پهچي ويندي، جنهن ذريعي عمر شريف آمريڪا روانو ٿيندو. ٻئي طرف عمر شريف جي آمريڪي ويزا جاري ڪرائيندڙ وفاقي خاص معاون شهباز گل جو چوڻ هو ته عمر شريف جي آمريڪا روانگي جون تياريون مڪمل آهن، واضح رهي ته عمر شريف ڪيترن ئي ڏينهن کان دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، ڊاڪٽرن سندس دل جي اوپن سرجري جي تجويز ڏيندي کيس آمريڪا اماڻڻ جي تجويز ڏني هئي، سنڌ سرڪار پاران عمر شريف کي 4 ڪروڙ رپيا ۽ ايئرايمبولينس فراهم ڪئي وئي آهي.