ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم شاھ محمود قريشي جي پريس ڪانفرنس جي ردِعمل ۾ چيو آهي ته شاهه محمود قريشي موسم ڏسي پارٽيون ۽ قيادت مٽائيندو رهندو آهي، پيپلزپارٽي شاھ محمود قريشي کي سازش ڪندي پڪڙيو هو، عمران نيازي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ لوٽو شاھ محمود قريشي آهي، هن چيو ته شاهه محمود قريشي جهڙن احسان فراموش ماڻهن لاءِ اهو قول ئي ڪافي آهي ته جنهن تي احسان ڪريو، ان جي شِر کان ڊڄو.