عمران خان ۽ محمود خان جي بيانن جو نوٽيس: ڪميٽي قائم

0
207
سمنڊ پار پاڪستانين هڪ

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ محمود خان جي بيانن جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي جوڙي ورتي آھي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل ڪميٽي عمران خان ۽ محمود خان جي بيانن جو جائزو وٺڻ بعد لائحه عمل پيش ڪندي

ڪابينا جي پڌرائي موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مارچ ۾ شامل ڪارڪنن وٽ هٿيار هجڻ جو اعتراف ڪيو هو

محمود خان ايندڙ مارچ ۾ وفاق خلاف ڪي پي جي فورس استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ امن امان برقرار رکڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

مهانگائي سٽيل عوام کي بجلي جو جهٽڪو: 4 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري