مهانگائي سٽيل عوام کي بجلي جو جهٽڪو: 4 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري

0
248
مهانگائي سٽيل عوام کي

اسلام آباد: مهانگائي سٽيل عوام کي بجلي جو جهٽڪو، نيپرا بجلي 4 رُپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز جي درخواست تي ٻڌڻي بعد نيپرا چيو آهي ته  اپريل مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ منظور ڪئي وئي آهي، اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سمورن واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي

ٻئي پاسي ملڪ ۾ توانائي جو بحران سنگين ٿي ويو، بجلي جو شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان به وڌي وڃڻ جي تصديق ٿي وئي آھي، پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي کپت 28 هزار 200 ميگاواٽ ۽ رسد 21 هزار 200 ميگاواٽ آهي

پاور ڊويزن ذريعن موجب  گئس ۽ ڪوئلي جي کوٽ ڄاڻائي ڪيترائي پلانٽس بند پيل، سنڌ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي بندش ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، شهرن ۾ 10 ۽ ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آھي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان به وڌي وڃڻ جي تصديق