عمران خان اٽو ۽ کنڊ کانپوءِ عوام جي ويڪسين به کائي ويو: مريم اورنگزيب

0
255
حڪومت شهباز شريف کي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب ملڪ ۾ ڪورونا جي خاتمي واري ويڪسين جي قلت جي مذمت ڪندي ڪورونا ويڪسين جي عدم دستيابي کي غلفت قرار ڏنو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته پمز سوڌو ملڪ جي وڏن ويڪسينيشن مرڪزن ۾ ڪورونا ويڪسين دستياب نه آهي، عمران صاحب ٻڌائي ته وقت تي ويڪسين ڇو ناهي گهرائي، فراهمي ڇو معطل آهي؟، هن چيو ته عمران صاحب! شهباز شريف کي ايف آءِ اي جو سياسي انتقام تي ٻڌل نوٽيس موڪلڻ سان ڇا عوام کي ڪورونا ويڪسين ملي ويندي، عمران صاحب اٽي، کنڊ ۽ دوائن کانپوءِ عوام جي ويڪسين به کائي ويو. ليگي ترجمان جو چوڻ هو ته 1200 ارب جو ڪورونا ريليف پيڪيج به عمران مافيا جي کيسي ۾ هليو ويو، عوام کي ويڪسين به نه ملي..