ٺل تعلقي ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه آيو، معصوم ٻارڙي فوت

0
378

ٺل(ن پ ا) ٺل تعلقي ۾ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه آيو، شهر جي سرڪي محلي ۾ هڪ سال جي ڪلثوم ڌيءَ عبدالغني سرڪي ارڙي سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته صحت کاتي پاران ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، صحت کاتي پاران تعلقي اندر ڪو به وارڊ نه کولڻ جي ڪري متاثر ٻارڙن کي خانگي اسپتالن ۾ داخل ڪيو پيو وڃي ۽ هن وقت تائين صحت کاتي ارڙي جي بچاءُ جي ٻارڙن کي ويڪسين نه ڪئي وئي، ارڙي جي وبا سبب ٻارڙن جا والدين ۽ علائقي واسي سخت پريشانين جو شڪار آهن.