اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جو ڪيس ختم ڪرڻ واري عمران خان جي درخواست تي جي آءِ ٽي کان سومر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته عمران خان جي عورت جج کي ڌمڪي واري تقرير غلط ۽ لفظ غيرمناسب هئا پر دهشتگردي جو ڪيس ته نٿو ٺهي، ٻڌايو وڃي ته دهشتگردي جا قلم ڇو لڳايا ويا؟. عورت جج ۽ پوليس آفيسرن کي ڌمڪائڻ تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف دهشتگردي جو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ ۽ جاچ آفيسر کي اهو ٻڌائڻ جو چيو هو ته دهشتگردي جا قلم ٺهن ٿا يا نه؟ ڇا پٽيشنر جاچ ۾ شامل ٿيو يا نه؟اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عمران خان جي تقرير جا تڪراري جملا پڙهي ٻڌايا، چيف جسٽس چيو توهان ٻڌايو ان تي دهشتگردي جا قلم ڪيئن ٿا ٺهن؟ ڇا ان تقرير کانسواءِ ڪجهه آهي؟ اهو تمام سنجيده نوعيت جو الزام هوندو آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو به موجود آهي، دهشتگردي جي ڏوهه کي ايتري ننڍي سطح تي نه آڻيو. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته پنهنجي عورت جج جي تحفظ لاءِ آئون هتي موجود آهيان، ان معاملي تي باقائده توهين عدالت جي ڪارروائي هلي رهي آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته اها ڳالهه جيڪڏهن اڳوڻو وزيراعظم چوي ٿو ته فرق پوي ٿو، ان ڪري به فرق پوندو آهي ته اهو مستقبل جو امڪاني وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو. عدالت ڪيس ۾ دهشتگردي جي قلم جي حوالي سان جي آءِ ٽي کي راءِ ڏيڻ لاءِ سومر تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.