اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بغاوت ڪيس ۾ شهباز گِل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ضمانت تي آزاد ٿي ويو، چيف جسٽس چيو آهي ته اسان جون هٿياربند فوجون ايتريون ڪمزور ناهن جو ڪنهن جي غير ذميواراڻي بيان سان هنن تي ڪو اثر پوي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران اسپيل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته شهباز گِل هڪ خانگي ٽي وي چينل تي ادارن خلاف ڳالهايو هو، اهو چينل ملڪ جو هر ٻيو شهري ڏسي رهيو هو، آرمڊ فورسز  ۾ پڻ اهو چينل ڏٺو ويندو آهي، اها ڳالهه بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته شهباز گِل جيڪڏهن ڪنهن هڪ کي به بغاوت ڪرڻ جو چيو آهي ته ٻڌايو؟ اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز گِل ڪنهن هڪ کي نه، پنهنجي بيان ۾ سڀني کي بغاوت تي ڀڙڪايو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا شهباز گل فوج جي ڪنهن ماڻهوءَ سان رابطو ڪيو؟ سرڪاري وڪيل اعتراف ڪيو ته شهباز گل جو اهڙو ڪو به رابطو سامهون نه آيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جون هٿياربند فوجون ايتريون ڪمزور ناهن جو ڪنهن جي غير ذميواراڻي بيان سان هنن تي ڪو اثر پوي، جيستائين ڪو ٺوس ثبوت نه هجي ڪنهن کي ضمانت کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز گل کي پنج لک رپُين جي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، عدالتي حڪم بعد شهباز گِل کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو، سندس آجيان لاءِ تحريڪ انصاف جو ڪوبه مرڪزي اڳواڻ نه آيو، شهباز گِل اڊيالا جيل ۾ مهيني کان وڌيڪ عرصو قيد هو، پي ٽي آءِ راولپنڊي جي مقامي قيادت ۽ ڪارڪنن شهباز گِل جو استقبال ڪيو ۽ گل نڇاور ڪيا.