اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول 9 رپيا 62 پيسا سستو ۽ ڊيزل 3 رپيا 4 پيسا مهانگو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومت اعلان ڪرڻ ۾ ٻڏ تر جو شڪارآهي جنهن ڪري رات دير تائين نوان اگھه لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو. ان ڏس ۾ ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پيٽروليم واري وزارت اوگرا جي سفارش ڪيل سمري سمرقند ۾ ويٺل وزيراعظم شهباز شريف کي اماڻي ڇڏي  هئي، پر وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سمرقند ۾ موجود آهي، ۽ سندس مصروفيتن جي ڪري نون اگهن جي منظوري نه ملي سگهي، جنهن ڪري رات دير تائين نوان اگهه لاڳو ٿيڻ بابت اعلان نه ٿي سگهيو، ٻئي پاسي پيٽرول اگهن ۾ ڦيرڦار جي امڪان سبب عوام ٻڏ تر جو شڪار رهيو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب سفارش ڪيل سمري ۾ پيٽرول 9 رپيا 62 پيسا سستو ڪرڻ جي تجويز، ۽ ڊيزل 3 رپيا 4 پيسا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ تيل جي نون اگهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. واضح رهي ته پھرين سيپٽمبر کان ڊيزل جي اگهه ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان ڪري اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.