ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت جي سياسي حڪمت عملي ايتري سادي ۽ معصوم آهي جو ننڍي چونڊ ۾ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون کٽڻ باوجود پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي. ننڍي چونڊکان اڳ پي ٽي آءِ وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ 162 سيٽون هيون، ننڍي چونڊ ۾ 6 سيٽون کٽڻ باوجود گهٽجي 156 سيٽون ٿي ويون، انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته  انهن جو دماغ سياسي طور آهي. ڪالهه ڪارساز تي 18 آڪٽوبر 2007ع جي شهيدن جي يادگار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن ننڍي چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جا اميدوار بيهاري ها ته هو قومي اسيمبليءَ ۾ 6 سيٽن جو اضافو ڪري سگهي ها. بلاول  عمران خان کي اسيمبليءَ ۾ ”سليڪٽڊ“ قرار ڏنو،  هاڻي عمران پاڻ کليل نموني اعتراف ڪيو آهي ته هو ڪٺ پتلي وزيراعظم هو، هن چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي، هتي حڪومتي تبديلي جٿن بجاءِ پارلياماني ووٽ ذريعي ئي ممڪن آهي. هن ڪارساز سانحي بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪارساز واقعي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جا ثبوت ختم ڪرڻ  سبب جاچ مڪمل  ٿي ناهي سگهي، انهي  کان اڳ وڏي وزير شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي  دعا گهري ،ٻئي طرف شهيد بينظير جي نياڻي  آصفه ڀٽو پڻ  شهيدن جي يادگار تي  پهچي گلن جي چادر چاڙهي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پ پ سنڌ جي نثار احمد کهڙو، صوبائي وزيرن ۽ اڳواڻن پڻ حاضري ڏني

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪار ساز سانحي جي شهيدن جي 15هين ورسي، پ پ پاتان مختلف شهرن ۾ تقريبون، شهيدن جي مزارن جي حاضري، قران خوانيون ڪرايون ويون، خبر موجب ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جانثاران بينظير قبرستان ۾ 20 گمنام شهيدن “مين ڀٽو هون” جي 15هين ورسي ملهائي وئي ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي جي اڳواڻن اعجاز لغاري، عمران جتوئي، منصور سومرو، صوبدار جلباڻي، انور ٻرڙو، ليڊيز ونگ جون عورت پرهه، سڪينه گاد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، چوهڙ جمالي ۾ڪارساز سانحي جي شھيد حمزو ماکڙو جي قبر تي پ پ ضلعي سجاول جي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ دعا گهري، ٽنڊو محمد خان ۾ ضلعي صدر ۽ ايم پي اي اعجاز شاهه بخاري جي صدارت ۾ ورسي ملھائي وئي، تقريب ۾ قران خواني ڪرائي شھيد ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ دعا گھري وئي، ٺٽي ۾ پ پ پاران ضلعي صدر صادق ميمڻ جي رهائشگاهه تي تقريب ٿي، جنهن ۾ ايم پي اي رياض شاهه شيرازي، امتياز قريشي، عبدالحميد سومرو، محبوب شاھ بخاري، عبدالخالق سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ميرپور ساڪرو۾ پ پ تعلقي صدر مشتاق احمد بگھياڙ جي قيادت ۾ بگھياڙ ھائوس ٽاڪاڻي اسٽاپ تي ورسي پروگرام ٿيو، ٽنڊوباگو ۾ پ پ اڳواڻ حاجي سائين بخش جمالي، خان صاحب جمالي پاران شهيدن لاءِ قرآن خاني ڪرائي وئي، ميرپور خاص ۾ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، تقريب ۾ مير حسن ڌونڪائي، عبدالسلام ميمڻ، مير علي رضا ٽالپر، حنيف ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڊگھڙي ۾ پ پ طرفان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ايم پي اي مير طارق ٽالپر، جاني ٽالپر، زنو نوحاڻي، نور حسن چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سرهاري ۾ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن علي اڪبر جمالي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ شاهه عنايت بخاري پهچي شهيد الهه ڏتو زرداري جي مزار تي چادر چاڙهي گل نڇاور ڪيا.