لاهور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حملو ناڪام بڻائيندڙ ابتسام حسن سان شوڪت خانم اسپتال ۾ ملاقات ڪئي، عمران خان ابتسام کي سندس شرٽ تي آٽوگراف ڏنو، ان موقعي تي عمران خان ابتسام حسن کي چيو ته توهان پاڪستان جا هيرو آهيو، توهان وڏي دليري ڏيکاري آهي، ان تي ابتسام چيو ته اوهان هيرو آهيو، امڙ مون کان وڌيڪ اوهان جي سپورٽر آهي، ٻن هفتا اڳ ان کي دل جو دورو پيو هو، هي ٻه ڏينهن وڏي مشڪل سان گذريا آهن، اوهان وزيرآباد اچو، ان تي عمران خان چيو ته منهنجو سڀني سامهون واعدو آهي ته جڏهن به وزيرآباد آيس ته اوهان جي گهر ايندس.