لاهور (م ڊ) لاهور جي جناح اسپتال انتظاميا موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ٻنهي ڄنگهن ۾ هڪ، هڪ گولي لڳي آهي. جناح اسپتال انتظاميا موجب ارٿو پيڊڪ شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر سجاد گورايه جي سربراهي ۾ ميڊيڪل ٽيم عمران خان جو ميڊيڪوليگل ڪيو، فارنزڪ ڊاڪٽر فرحت سلطانه پڻ ميڊيڪل ٽيم ۾ شامل هئي. جناح اسپتال اتنظاميا ٻڌايو ته جڏهن عمران خان کي شوڪت خانم اسپتال آندو ويو ته هو بيهوش هو، کيس ٻنهي ڄنهگن ۾ هڪ، هڪ گولي لڳي، ساڄي ڄنگهه کي گولي ڇهي نڪري وئي، ٻي گولي کاٻي ڄنگهه واري هڏيءَ کي متاثر ڪيو. انتظاميا موجب عمران خان جي ٻنهي ڄنگهن تي زخمن جا 16 نشان موجود آهن.