اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي جلسو ڪرڻ لاءِ انتظاميا کي نئين درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ جي جلسي ۽ ڌرڻي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي چيف جسٽس عامرفاروق ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عمران خان تي ٿيندڙ حملي جي خدشي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، چيف جسٽس چيو ته جاچ ادارن موجب عمران خان تي حملي جا خدشا آهن، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي ته اُهي هن معاملي کي ڏسن، احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، پر ڪنهن شهري جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن،  چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ انتظاميا کان اجازت وٺڻ لاءِ نئين درخواست ڏئي، جيڪڏهن اجازت ملي به ته اِها خاطري ڪرائي وڃي ته روڊ بلاڪ نه ٿيندا، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته انگلينڊ ۾ به مظاهرا ٿيندا آهن پر روڊ بلاڪ ناهن ڪيا ويندا، اهو انتظاميا جو اختيار آهي ته ڊي چوڪ يا ايف نائن پارڪ جي اجازت ڏيڻي آهي، عدالت ڪو هنڌ تجويز نٿي ڪري سگهي. عدالت چيو ته پي ٽي آءِ انتظآميا کي نئين درخواست ڏئي مسئلو حل نه ٿئي ته نئين پٽيشن داخل ڪري، عدالت ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.