اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ طرفان بي اعتمادي رِٿ جي ڌمڪي ڏيڻ باوجود سينيٽ چيئرمين استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان پي ٽي آءِ سينيٽرز ملاقات ڪئي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ سينيٽرز ڌمڪي ڏني ته سينيٽ چيئرمين عهدي تان استعيفا ڏئي، ٻي صورت ۾ سندس خلاف بي اعتمادي رِٿ آندي ويندي، صادق سنجراڻي چيو ته توهان ڀلي بي اعتمادي رِٿ آڻيو، مقابلو ڪندس، پر عهدي تان استعيفيا نه ڏيندس، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا سينيٽرز صادق سنجراني جي ڪردار مان خوش نه آهن، صدر عارف علوي به سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪري استعيفا لاءِ زور ڀريو هو.