ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بينڪ جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن هارين کي ڪڻڪ جي ٻج لاءِ 5000 رپيا في ايڪڙ کانسواءِ  ڀاڻ لاءِ به واڌو رقم ڏني ويندي. ورلڊ بينڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر جان روم سان ملاقات ۾ وڏي وزير چيو ته ننڍن هارين جو سروي ڪيو پيو وڃي، کين مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويندو. صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت جي سهڪار سان سمورن هارين ۾ 5 هزار رپيا في ايڪڙ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ورلڊ بينڪ هارين کي 100 ملين ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ورلڊ بينڪ 12.5 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن هارين لاءِ 5 هزار رپيا في ايڪڙ جي حد مقرر ڪئي آهي. ملاقات ۾ ننڍن هارين کي ڀاڻ لاءِ وڌيڪ رقم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو