لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان رابطو ڪري ڳالهين جي آڇ ڪئي ۽  آرمي چيف جي مقرري گڏيل طور ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پر مون کيس شڪريي سان انڪار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن سان ملاقات دوران انڪشاف ڪيو ته گذريل مهيني عمران خان هڪ گڏيل دوست ذريعي گڏيل مشاورت سان آرمي چيف آڻڻ جي تجويز ڏني هئي، عمران خان نئين آرمي چيف لاءِ 3 نالا تجويز ڪرڻ چاهيا پر مون سندس آڇ مهرباني چئي ٿڏي ڇڏي هئي. هن چيو ته مون کيس چيو ته جيئن اوهان آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪئي هئي تيئن هي معاملو به وزيراعظم جي صوابديد آهي انڪري آئيني طور ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران ٻن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ چاهيون پئي، هو عام چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻ ۽ نئين آرمي چيف جي گڏيل مقرري چاهي پيو. هن چيو ته مون عمران کي ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت تي ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي، شهباز شريف چيو ته آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل نديم انجم مون کان اجازت وٺي پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، وزيراعظم لانگ مارچ کي بنا جواز ۽ ملڪ جي ترقي خلاف قرار ڏنو، ٻئي طرف لاهور ۾ لانگ مارچ بابت ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قانون ڪنهنکي به هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، وزيراعظم امن امان برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن جي انگ ۽ علي امين گنڊا پور جي پلان کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم جي چين جي دوري بابت به اجلاس ٿيو جنهن ۾ دوري جي تيارين بابت پلاننگ ڊويزن، پرڏيهي کاتي ۽ ناڻي ڊويزن کي هدايتون جاري ڪيون ويون.