ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جو قتل: پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري، واقعي خلاف مختلف شھرن ۾ مظاھرا

0
268

ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جو قتل: پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري، واقعي خلاف مختلف شھرن ۾ مظاھرا

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٻن نوجوانن جي بيرحماڻي قتل کانپوءِ پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري آھي، مڇر ڪالوني ۾ ڪياماڙي پوليس پاران سرچ آپريشن ڪيو ويو

پوليس جي  آپريشن دوران علائقي واسين پاران پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، پوليس جوابي فائرنگ ڪري هڪ جوابدار شريف عرف شرفو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي

 ايس ايس پي فدا جانوري چيو آهي ته ٻن نوجوانن جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري تائين پوليس جو آپريشن جاري رهندو

 2 ڏينهن اڳ مڇر ڪالوني ۾ ٺٽي واسي انجنيئر ايمن جاويد ۽ نوشهروفيروز واسي اسحاق پنهور کي تشدد ڪرڻ بعد پٿر هڻي بيدرديءَ قتل ڪيو هو

ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل واري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ موبائيل ڪمپني جي ٻن  ملازمن جي قتل واري واقعي خلاف  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن

ڪنڌڪوٽ، ميرپورماٿيلو، فيض گنج،  ٺٽو، دوڙ، سڪرنڊ، ٺل،قمبر، ڪشمور،  نوشهروفيروز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جسقم، قومي عوامي تحريڪ، پ پ  شهيد ڀٽو سميت مختلف تنظيمن پاران  مظاهرا ڪري قتل واقعي جي مذمت ڪئي وئي آھي

اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ انجنيئر ايمن جاويد ۽ ڊرائيور اسحاق پنھور کي  بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ڪراچي سنڌين لاءِ تنگ ڪئي وئي آھي، ٻن نوجوانن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن  کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ  سزا ڏياري وڃي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ هجوم هٿان 2 سنڌي نوجوانن جو قتل: 34 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جو قتل: بلاول جو نوٽيس، قاتل گرفتار ڪرڻ جي هدايت