ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ملڪي سالميت ۽ قومي ادارن خلاف تقرير ڪري عوام کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل فاٽا مان چونڊيل ايم اين اي علي وزير پاران ڪيل تڪراري تقرير جو اردو ترجمو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايم اين اي علي وزير پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته هو چونڊيل ايم اين اي آهي، کيس عوامي جلسي ۾ تقرير ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويوهو ،سندس خلاف ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد ٿي چڪا آهن، سندس خلاف ڪراچي جي خاص عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي، عدالت کي استدعا آهي ته سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.