لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف جي ڪارڪن علي بلال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جو موت پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گاڏي جي ٽڪر سان ٿيو، سازش زمان پارڪ ۾ تيار ٿي ۽ وڏي وزير تي قتل جو الزام هنيو ويو. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي پنجاب عثمان انور طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪن علي بلال عرف ظل شاهه جي فوتگي جي حوالي سان لاهور ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي جنهن ۾ ڪيترائي انڪشاف ڪيا ويا آهن. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته اسان وٽ رپورٽ آئي آهي ته ڪارڪن تشدد سبب فوت ناهي ٿيو. راجا شڪيل ياسمين راشد کي ڄاڻ ڏني ته ڪارڪن کي گاڏي جو ٽڪر لڳو، ياسمين راشد راجا شڪيل کي چيو ته اوهان مون سان گڏ سڀاڻي زمان پارڪ هلو. محسن نقوي چيو ته ڊرائيور کي گاڏي ۾ ڇڏي راجا شڪيل ياسمين راشد سان گڏ زمان پارڪ ويو ياسمين راشد زمان پارڪ جي اندر وئي ۽ ٿوري دير ۾ ٻاهر اچي راجا شڪيل کي چيو ته بي فڪر ٿي وڃو، اتي اها سازش ڪئي وئي هئي. هن سوال ڪيو ته منهنجي مٿان قتل جو الزام لڳايو ويو ڪنهن جي مٿان قتل جو الزام لڳائڻ ايترو آسان آهي؟ کلي عام درخواست ڏئي رهيا آهيون ته هن کان قتل ٿيو. اها زيادتي آهي، ڪوڙو الزام نه لڳايو هر هڪ کي گمراهه ڪري رهيا آهيو. محسن نقوي چيو ته منهجي مٿان پهريان سازش ۽ هاڻ قتل جو الزام لڳايو ويو، اسان جا به گهر ڀاتي ۽ مائٽ آهن جهڙي طرح هنن ميسيج ڪيا آهن اها ته زيادتي آهي، اوهان سياست ڪريو اسان اوهان کي نه روڪينداسين. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ عورت مارچ جي اجازت ڏني. ڪرڪيٽ ٽيمون لاهور ۾ موجود هيون، مون ڳالهائڻ نٿي چاهيو پر ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن. 30 اپريل تي چونڊون آهن. ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران خان ڪجهه خيال ڪري ها، پنهنجي ريلي هڪ ٻه ڏينهن اڳيان ڪري ڇڏي ها. اوهان سياست ۾ جيڪا مرضي ڪريو، مون کي ان تي ڪو اعتراض نه آهي. مان هن اهم عهدي تي نه ويٺل هجان ها ته ڪنهن ٻئي طريقي سان جواب ڏيان ها. آءِ جي پنجاب عثمان انورچيو ته شهري لياقت علي پنهنجي پٽ علي بلال جي موت جي جاچ ڪرڻ جي اپيل ڪئي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوليس تشدد جون شاهديون مليون ته مڪمل ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس تي ڏنڊا وسايا ويا، پٿراءُ ڪيو ويو ان جي ته ڪارروائي ضرور ٿيندي. ڪاري رنگ جي گاڏي جي سروسز اسپتال اچڻ جي وڊيو رپورٽ ٿي آهي. گاڏي 31 ڪيمرائن جي مدد سان جي پي ايس جي مدد سان وارث شاهه روڊ تان هٿ آئي. گاڏي جي ڊرائيور جو نالو جهانزيب ۽ مالڪ جو نالو راجا شڪيل آهي. هن شخص کي مارڻ جي سازش نه هئي. ظل شاهه جي والد سان واعدو آهي ته انهن جي آڏو سموريون شاهديون پيش ڪنداسين. عثمان انور چيو ته بلال جو لاش 6 لڳي 52 منٽن تي سروسز اسپتال ۾ ڇڏيو ويو. سوشل ميڊيا تي ڪالهه رات کان بدتميزي ڪئي پئي وڃي. پوليس جي ٽيم سوشل ميڊيا تي هلندڙ سازش ناڪام بنائي ڇڏي، اهي سمورا ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو جعلي آهي.