لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري پنجاب جي نگران وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته نگران وڏي وزير محسن نقوي جو ڪم 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائي گهر وڃڻ آهي، محسن نقوي سرپرستن جي اشاري تي قانون ۽ جمهوريت جون قبرون کوٽڻ ۾ رڌل آهي پنهنجي بيان ۾ شيرين مزاري چيو ته قوم نگران وڏي وزير کان علي بلال جي قتل سميت آئين ٽوڙڻ جي هر واردات جو حساب وٺندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌري چيو ته جيڪڏهن علي بلال روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو ته پوءِ اسان جي خلاف قتل جو ڪيس ڇو داخل ڪيو ويو؟ پنهنجي بيان ۾ اعجاز چوڌري چيو ته علي بلال جي جسم تي زخمن جا 26 نشان آهن، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ جيڪي زخم بيان ڪيا ويا آهن اهي روڊ حادثي ۾ نه ٿا لڳي سگهن.