ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران تعليمي بورڊن کان امتحان ڪرائڻ ۽ نتيجا ٺاهڻ وارا اختيار واپس وٺڻ وارو معاملو، سپلا ۽ گسٽا اڳواڻن حڪومتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، مئي مهيني کان شروع ٿيندڙ امتحان روڪرائڻ جي ڌمڪي، اڳواڻن چيو آهي ته تعليمي بورڊن کي ايڊهاڪ سسٽم تي هلائڻ سبب بورڊن جي تباهي جو ذميوار يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتو آهي، 2 ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن کان نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين جي سالياني امتحانن ۽ نتيجا ٺاهڻ وارا اختيار واپس وٺي ٿرڊ پارٽي حوالي ڪرڻ واري فيصلي تي تعليم سان واڳيل مختلف تنظيمن جو سخت ردِ عمل سامهون آيو آهي، گسٽا پاران ڌمڪي ڏني وئي آهي ته مئي مهيني کان ٿيندڙ سالياني امتحان جيڪڏهن ٿرڊ پارٽي کان ڪرايا ويندا ته امتحان ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين، ان حوالي سان سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچرر ايسوسيئيشن (سپلا) جي مرڪزي صدر منور عباس “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليم تي تجربا ڪري تعليمي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪرپشن آهي ته پوءِ حڪومت به ٿرڊ پارٽي کي ڏني وڃي؟ تعليمي بورڊن جو جيڪو موجوده بحران آهي ان جو ذميوار به يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتو آهي، حڪومت بورڊن ۾ چيئرمين، ڪنٽرولر ۽ سيڪريٽري رکڻ لاءِ تيار ناهي، تقريبن سمورن بورڊن ۾ سيڪريٽري ۽ ڪنٽرول ناهن، 5 تعليمي بورڊ ايڊهاڪ وارا چيئرمين هلائي رهيا آهن، امتحانن ۾ جيڪا گڙ ٻڙ ٿئي پئي ان جي ذميوار به حڪومت آهي، اتي جيڪڏهن ميرٽ تي چيئرمين ۽ ڪنٽرولر رکيا وڃن ته معاملا حل ٿي سگھن ٿا، تعليمي بورڊ ڪلارڪن جي حوالي ڪرڻ سان اهي مسئلا پيش ايندا. مئي مهيني ۾ امتحان ٿيندا پر امتحان ويجھو ايندي ئي نئون تجربو ڪيو پيو وڃي، تجربا ڪرڻ بجاءِ مستقل مقرريون ڪيون وڃن، ٻارڙن سان تعليمي مذاق ڪيو ويو ته امتحان ٿيڻ نه ڏينداسين، ان سلسلي ۾ گسٽا جي مرڪزي صدر اشرف خاصخيلي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ان عمل تي اعتراض آهي، بورڊ ڪمائي ٿو، ان ڪري جيڪا ڌر امتحان وٺڻ چاهي ٿي ان جو مقصد امتحانن جي بهتري نه پر ڪمائي آهي، اسان اسٽيڪ هولڊر آهيون اسان سان هن وقت تائين ڪنهن رابطو ئي ناهي ڪيو، جيڪڏهن ٿرڊ پارٽي کان امتحان ڪرائڻ واري پاليسي لاڳو ڪئي وئي ته سخت ردِعمل ڏينداسين.