ڪراچي: سکر تعليمي بورڊ ۾ ڊگھي عرصي تائين 3 مُک عهدا هڪ ئي آفيسر حوالي ٿيل هئا! سکر تعليمي بورڊ ۾ ويجهڙ ۾ ئي ايڊهاڪ واري چيئرمين رفيق پَل وٽ سيڪريٽري بورڊ ۽ ڪنٽرول بورڊ وارا ٽئي عهدا ئي حوالي هئا. جنهن بعد ڪجهه هفتا اڳ ئي اختيارين پاران کانئس 2 عهدا واپس وٺي ايڊهاڪ جي بنياد تي رڳو چيئرمين سکر بورڊ واري عهدي تي ئي ويهاري ڇڏيو آهي.