شڪارپور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ علي امين گنڊاپور جا حراست دوران وار ڪٽجڻ تي سندس ڀائرن ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجا پنهنجا وار ڪٽرائي ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ حراست دوران علي امين گنڊاپور جا وار ڪٽجڻ تي ڀائرن جو انوکو رد عمل  ڪيو. علي امين جي ڀائرن فيصل امين ۽ عمران امين گنڊاپور پنهنجا پنهنجا وار ڪٽرايا، جنهن جون وار ڪٽرائڻ کان پوءِ جي وڊيو وائرل ٿي ويون آهن.  ياد رهي ته علي امين گنڊاپور کي سوشل ميڊيا تي ادارن خالف تقريرون ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ ڏينهن اڳ لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت راهداري رمانڊ تي کيس سنڌ پوليس حوالي ڪيوهو.