ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) عدالتي پابندي باوجود صحت کاتي جي اختيارين پاران ڊيپوٽيشن جي بنياد تي ليبر کاتي جي ڊاڪٽر جون خدمتون جناح اسپتال حوالي ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان صحت کاتي جي سيڪريٽري ذوالفقار شاهه پاران ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي جي ڊاڪٽر خير محمد ناريجو کي ڊيپوٽيشن جي بنياد تي جناح اسپتال ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته عدالتي حڪمن تحت ڊيپوٽيشن جي ببنياد  تي مقررين تي مڪمل پابندي لاڳو ٿيل آهي.