ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، ملير کي ايس ايس پي ملي ويو، ٽنڊوالهيار ۽ ڪياماڙي جا ايس ايس پي به بدلي ڪيا ويا. آءِ جي سنڌ طرفان  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  موجب پوليس ٽريننگ ڪاليج شهدادپور جي ايس ايس پي حسن سردار احمد خان کي بدلي ڪري ايس ايس پي ملير مقرر ڪيو ويو.  واضح رهي ته عرفان بهادر جي بدلي کانپوءِ ايس ايس پي ملير جي وقتي چارج ايس ايس پي زبير نذير شيخ وٽ هئي. ايس پي جاچ ڪياماڙي سليم شاهه کي بدلي ڪري ايس ايس پي ٽنڊو الهيار مقرر ڪيو ويو، جتان فاروق بجاراڻي کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ٻئي طرف تسرت محمود، سيد عسڪر محمود ۽ ڄام شاهد حسين کي کي ڊي ايس پي ايس پي يو(سي پيڪ) مقرر ڪيو ويو.