اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي جيالن، سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ ڪابينا ۽ پارٽي عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ ڪاميابي ڪارڪنن جي بهترين خدمتن جو نتيجو آهي، ڪراچي جي جيالن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، پوري ملڪ جا جيالا تياري ڪن، مستقبل جيالن جو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ۽ حامي بلاول ڀٽو زرداري جي طاقت آهن، اسان ڀرپور تياري سان عام چونڊون وڙهنداسين، بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير طور پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪو آهي، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي عظيم والده وانگر چئني صوبن جي زنجير آهي، ڌمڪين باجود بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ويو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي جانشين بهادري جي تاريخ رقم ڪئي آهي، ڪوئي شڪ ناهي ته جيالا پنهنجي قيادت وانگر بهادر آهن.