ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ 20 سالن لاءِ ڊسٽري بيوشن لائسنس جي تجديد لاءِ نيپرا کي درخواست ڏئي ڇڏي ، درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ  ڄاڻايو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسٽريبيوشن لائسنس جو مدو 20 جولاءِ تي ختم ٿي رهيو آهي ، جنهن ۾ 20 سالن جي واڌ ڪئي وڃي، اها واڌ 20 جولاءِ 2043ع تائين هوندي.