ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو مرحلو شفاف طريقي سان مڪمل ٿيو، ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو . پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ڪاميابي ماڻي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، پليون ۽ انڊر پاسز ٺهي رهيا آهن، ڪچرو ڪڍيو پيو وڃي، نيون بسون هلي رهيون آهن  هن چيو ته بلاول ڀٽو ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويو هو. جتي هن ڪشمير مامري  کي ڀرپور نموني سان اٿاريو، پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ وري بلاول ڀٽو جي دوري کي  تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا، جيڪا  عمران خان جي ڀارت سان وفاداري ظاهر ڪري ٿي، هن چيو ته  عمران خان جي دور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿيو. هن چيو ته ثاقب نثار ۽ سندس پٽ پي ٽي آءِ جون ٽڪيٽون وڪڻي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته ثاقب نثار پاران ڪيل فيصلا واپس ورتا وڃن، جڏهن ته  سندن فيصلن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي، هن چيو ته جماعت اسلامي جو ڪم رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. جيڪي پيسا جماعت اسلامي پنهنجي پبلسٽي تي خرچ ڪيا، اهي ڪراچي جي عوام تي خرچ  ڪري ها.