عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ آئي ته سينٽ اليڪشن جو مدو اڳتي نه وڌندو: آرمي چيف

0
143
عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ آئي ته سينٽ اليڪشن جو مدو اڳتي نه وڌندو: آرمي چيف
عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ آئي ته سينٽ اليڪشن جو مدو اڳتي نه وڌندو: آرمي چيف

واشنگٽن (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون. خانگي ٽي وي چينل موجب آمريڪا ۾ سمنڊ پار پاڪستاني واپارين سان ڳالهائيندي جنرل عاصم منير خاطري ڪرائي ته عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون

ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ پاڪستاني نسل جي واپاري تنوير احمد خانگي ٽي وي کي ٻڌايو ته ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ۾ آرمي چيف تحريڪ انصاف جي ان وقت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هڪ درخواست جي حوالي سان جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ان درخواست جي ڪري اليڪشن ۾ دير ٿئي به ٿي ته سينيٽ اليڪشن اڳتي نه ٿيندي، ۽ پاڪستان ۾ سينيٽ جون چونڊون مارچ ۾ ٿيڻيون آهن. تنوير احمد موجب آرمي چيف اليڪشن بابت سوال تي چيو ته جيستائين منهنجي معلومات آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿي رهيون آهن

هن چيو ته پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ان حوالي سان اها پنهنجي تياري ڪري رهي آهي، پاڪ فوج سيڪيورٽي حوالي سان مدد ڪندي. آرمي چيف چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ان حوالي سان پاڪ فوج پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جا جوان هر قسم جي صورتحال کان واقف آهن

هي به پڙهندا

گرفتار ڪيل ماڻهو اسلام آباد ۾ جتي گهمڻ چاهين، پرامن احتجاج ڪن يا گهر وڃڻ چاهين،انهن جي مرضي آهي: چيف جسٽس