جيڪب آباد جي حسينا کوسو جو ڪيس لڙهڻ جو خطرو: رپورٽ ۾ زيادتي نه ٿيڻ جي دعويٰ

0
117

جيڪب آباد جي حسينا کوسو جو ڪيس لڙهڻ جو خطرو: رپورٽ ۾ زيادتي نه ٿيڻ جي دعويٰ

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد مسلم ڪالوني واسڻ 10 ورهين جي حسينا کوسو جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري ٿي وئي آهي

ڄامشورو ليبارٽري مان پڌري ٿيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري حسينا کوسو سان زيادتي جي تصديق ناهي ٿي.  ڊي اين اي رپورٽ موجب ته نينگري جي جسم ۾ ڪنھن به مرد جا جزا نه مليا آهن جنهن سبب نينگري سان زيادتي ٿيڻ جي تصديق ناهي ٿي جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري جي موت جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن

نينگري جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ٿيڻ کانپوءِ ان جي وارثن ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.  وارثن موجب ته روهڙي ليبارٽري جي رپورٽ موجب ته نينگري جي جسم مان مرد جا جزا مليا هئا جڏهن ته ھاڻي ايندڙ رپورٽ ان جي ابتڙ آهي جيڪا خون لوڙهڻ جي سازش آهي

ان سلسلي ۾ نينگري جي پيءُ سهڻو کوسو رابطو ڪرڻ تي چيو ته پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ نياڻي سان زيادتي جي تصديق ٿي هئي جنهن رپورٽ جي ڪاپي به اسان وٽ موجود آهي جڏهن ته عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري ٻيهر جزا ورتا ويا جنهن جي فائنل رپورٽ اچڻ جو ٻڌايو ويو آهي پوليس پاران رپورٽ اسان جي حوالي ناهي ڪئي وئي صرف اهو چيو ويو ته نياڻي سان زيادتي جي تصديق ناهي ٿي هن چيو ته اسان اھڙي ميڊيڪل رپورٽ کي نه ٿا مڃيون جيڪا پهريان پازيٽو بعد ۾ نيگٽو اچي هن سنڌ جي وڏي وزير مقبول باقر کان مطالبو ڪيو ته حسينا کوسو جي قتل جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ۽ سٺي ساک واري اداري کان ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وڃي

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي صدر سلطان چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگري حسينا کوسو جي ڊي اين اي رپورٽ اچي وئي آهي جنهن ۾ زيادتي جي تصديق ناهي ٿي، اڳ واري رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿي هئي؟ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي واري رپورٽ فائنل آهي ياد رهي ته 6 سيپٽمبر تي حسينا کوسو جو لاش گهر ٻاهران واهه مان مليو هو ابتدائي رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي هئي جڏهن 21 آڪٽوبر تي نينگري جي قبر ڪشائي ڪرائي وئي جنهن جي رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ناهي ٿي