ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي سپر ماڊل، ميزبان ۽ اداڪارا عائشه عمر جي تصوير شوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. اداڪارا فوٽو اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير پوسٽ ڪئي. شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عائشه عمر کي غير مناسب لباس پهريل آهي. تصوير وائرل ٿيندي ئي اداڪارا تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران تنقيد ڪئي وئي. ان کان اڳ عائشه عمر فوٽو اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي تصوير پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ کيس سادو لباس پهريل هو.