اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سرحدي مامرن جي وفاقي وزير سينيٽر طلحا محمود کي مذهبي مامرن جي وزارت جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، ٽريفڪ حادثي ۾ مذهبي مامرن جي وزير مفتي عبدالشڪور جي فوت ٿيڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف مذهبي مامرن جي اضافي چارج وفاقي ڪابينا ۾ موجود جميعت علماءِ اسلام جي وفاقي وزير طلحا محمود کي ڏئي ڇڏي، ڪابينا ڊويزن پاران ان جو باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.