طالبان امريڪي شهرين جي واپسي ۾ رنڊڪ بڻيا ته ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين:جوبائيڊن

0
229
طالبان امريڪي شهرين

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آھي تھ افغانستان مان 13هزار کان وڌيڪ امريڪي شهرين کي ڏيهه منتقل ڪري چڪا آهيون، طالبان امريڪي شهرين جي واپسي ۾ رنڊڪ بڻيو ته ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين، آمريڪي صدر جو بائيڊن وڌيڪ چيو آهي ته طالبان سان امريڪي شهرين کي ايئرپورٽ تائين رسائي جو معاهدو ٿيو آهي، افغانستان صورتحال تي جِي سيون ملڪن جو اجلاس ايندڙ هفتي ٿيندو، افغانستان مان فوج جي واپسي تي اتحادين ڪو سوال ناهي ڪيو.

روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته کين اميد آهي ته طالبان پنهنجا واعدا پاڙيندا، برطانوي وزير اعظم بورس جانسن چيو ته ضرورت پوڻ تي طالبان سان گڏ ڪم ڪنداسين، افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رهنديون.