افغانستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪپتاني شاداب حوالي

0
218

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ افغانستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. قومي ٽيم جي ڪپتاني شاداب خان ڪندو، جڏهن ته بابر اعظم سميت چار ڪرڪيٽر آرام ڪندا. پي سي بي افغانستان خلاف ون ڊي سيريز  لاءِ قومي اسڪواڊ کي حتمي  شڪل ڏيڻ لاءِ تياري ڪري ورتي آهي. ڪپتان بابر اعظم سميت چئن ڪرڪيٽرن کي آرام ڏنو ويندو، محمد رضوان، حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي به آرام ڪندڙ ڪرڪيٽرن ۾ شامل آهن. ذريعن موجب شاداب خان ون ڊي ٽيم جي قيادت ڪندو، ٽيم ۾ نون ڪرڪيٽرن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

امام الحق، فخر زمان، سرفراز احمد ۽ فهيم اشرف ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل هوندا. فاسٽ بالر محمد وسيم جونئير ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو، خوشدل شاهه کي به موقعو ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صهيب مقصود ۽ حارث سهيل کي اسڪواڊ ۾ اسڪواڊ ۾ جڳهه ملڻ مشڪل آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ 3 ون ڊي سيريز کان اڳ سيپٽمبر ۾ سريلنڪا سيريز کيڏي ويندي.