اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪمران جماعتن آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي باري ۾ عمران جي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب حڪمران جماعتن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ضمانتن جي برسات ٿيندي ئي 60 ارب جي چور عمران آرمي چيف جي خلاف بيان ڏنو، عمران خان جو بيان ان جي ڪڌن ارادن جو آئينو ۽ پوري قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي، عمران جي بيان ۾ پيغام آهي ته منهنجا سهولتڪار نه بڻجندا ته توهان کي بدنام ڪندس، حڪمران جماعتن پاران چيو ويو ته گهڙي فروش توشا چور ميرٽ تي آرمي چيف جي مقرري جي مخالفت ڪري رهيو آهي، عمران خان جو بيان پاڪستان جي عوام ۽ فورسز جي قاتل دهشتگردن جي حمايت جو عام اعلان آهي، وڌيڪ چيو ويو ته هي ملڪ دشمني جي ايجنڊا جو واضح ثبوت ۽ اعتراف آهي، هي فوج ۽ ان جي قيادت سان ذاتي دشمني ۽ انتقامي جذبي جو واضح ثبوت آهي، شمشير جو باوقار اعزاز رکندڙ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير هڪ انتهائي قابل، ايماندار ۽ پروفيشنل سولجر آهي، فارين فنڊنگ جن مقصدن جي لاءِ ڏني وئي، ان تي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، آرمي چيف تي گهٽيا الزام دهشتگردن خلاف جنگ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان جو عوام ۽ ان جون نمائنده جماعتون دهشتگردي خلاف وڙهندڙ فوج، ان جي قيادت ۽ شهيدن سان گڏ آهي ۽ انهن کي بدنام ڪندڙ عنصرن خلاف ڍال آهي.