اسلام آباد (م ڊ) عمران خان کي سپريم ڪورٽ آڻڻ لاءِ مرسڊيز گاڏي چيف جسٽس جي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته چيف جسٽس ايتريون سهولتون ڏنيون جو عمران خان کي آڻڻ لاءِ مرسڊيز گاڏي ڏني وئي. اينڪر شهزاد اقبال سوال ڪيو ته اها مرسڊيز چيف جسٽس اماڻي هئي؟ جنهن تي احسن اقبال چيو ته اسان کي اطلاع اهڙائي آهن ته رجسٽرار پاڻ گاڏي فراهم ڪئي، جنهن بعد اعمران خان جي پهچڻ تي چيف جسٽس خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته جڏهن هي وزيراعظم هو ته سپريم ڪورٽ جي ڪيسن ۾ 7_7 مهينن تائين پيش نه ٿيندو هو، تڏهن ڪنهن به پاڻ مرادو نوٽيس نه ورتو.