ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد جي عرس جون تقريبون اڄ پڄاڻي تي پهچنديون، منجهند ڌاري سماع واري راڳ کان پوءِ ختمو ٿيندو. گذريل رات ٽين ڌمال تي ٿيل رياضت دوران صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار تي سونو تاج چاڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون  ويون.  جڏهن ته شام جو پنجين بجي ڌاري صوفياڻو راڳ ٿيو. جڏهن ته ميلي جي موقعي تي ٽي سئو کان وڌيڪ ٻارين ۾ پڻ سڄي رات راڳ ويراڳ جون محفلون ٿينديون رهيون. هيل برساتن سبب ميلي ۾ بازارون نه لڳايون ويون هيون.