سکر(بيورو رپورٽ) سکر ضلعي ۾ برسات متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪاميٽي جو اهم اجلاس ڊي سي آفيس سکر ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجو سميت ڪاميٽي چيئرمين ڊي سي شهزاد طاهر ٿهيم سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪاميٽين جو دائرو يوسي سطح تائين وڌايو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه ۽ ڄام اڪرام ڌاريجي چيو ته ٽينٽ سٽيءَ ۾ ترسايل برسات متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن انتظاميا کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي فوري طور نيڪال ڪرايو وڃي. ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي چئيرمين ڊپٽي ڪمشنر شهزاد طاهر ٿهيم اجلاس کي ٻڌايو ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪاميٽين کي يونين ڪائونسلن تائين وڌايو ويندو. ڊينگي ۽ مليريا جي خاتمي لاءِ اسپري مهم روزاني بنياد تي ڪئي وڃي. رليف جي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف سخت قانوني ايڪشن ٿيندو.