حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس ڪجهه ئي ڪلاڪن دوران مبينا مقابلن جي هئٽرڪ ڪندي ٽن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. پٻڻ پوليس کانپوءِ سخي پير ۽ سائيٽ ٿاڻن جي پوليس پاران مقابلن جي دعويٰ ڪئي وئي. سخي پير پوليس ڄاڻايو ته ڦر جي ارادي سان بيٺل شڪي ماڻهن سان مقابلو ڪري هڪ ڄڻي عبدوالوحيد يوسفزئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿي ويو. پوليس موجب زخمي ڏوهاري لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ ڦرلٽ جي واقعن ۾ ملوث آهي. سائيٽ پوليس موجب هاشمي ڦاٽڪ وٽ مقابلو ڪري امجد نظاماڻي نالي ڏوهاري زخمي ٿيو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. پٻڻ ٿاڻي جي پوليس به گشت دوران شڪي ماڻهن سان مقابلي جي دعويٰ ڪندي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻي صادق ڇٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سخي پير پوليس پاران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل عبدالوحيد يوسفزئي 28 جولاءِ 2021ع تي لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ گئس سئلينڊر جي دڪان تان ڦرلٽ ڪئي. 16 آگسٽ تي هن يونٽ نمبر 10 موبائيل جي دڪان جڏهن ته جوابدار حسين آباد ۽ اي سيڪشن ٿاڻن جي حدن ۾ به ڦرلٽ جي واقعن ۾ ملوث هو. سندس خلاف بي سيڪشن، اي سيڪشن، سائيٽ ۽ سخي پير ٿاڻن تي 12 ڪيس داخل ٿيل آهن. ترجمان موجب سائيٽ پوليس پاران مقابلي ۾ زخمي ڪيل ڏوهاري امجد نظاماڻي عرف امجي خلاف ٽنڊو ڄام، پٻڻ، هوسڙي، راهوڪي، هٽڙي، فورٽ ۽ سائيٽ ٿاڻن تي ڦرلٽ، چورين ۽ پوليس مقابلن جا 30 ڪيس داخل ٿيل آهن. ترجمان اهو به ڄاڻايو ته پٻڻ پوليس پاران مقابلي ۾ زخمي ڪيل جوابدار ساٿي سان گڏ پنڃل ڳاهو لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هو جيڪو مقابلي دوران زخمي ٿيو. سندس خلاف غيرقانوني اسلحي ۽ پوليس سان مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس پاران اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته زخمي ڪيل ڏوهارين جي قبضي مان کين هٿيار به مليا آهن. سندن فرار ٿيل ساٿين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.