ڪراچي: سليڪشن بورڊ ون جي منظوري بعد ترقين جي منظوري ماڻيندڙ صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس گروپ جي 14 آفيسرن کي 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ترقي ڏني وئي آهي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 390 اسسٽنٽ پروفيسرن کي 19هين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي آهي جنهن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.