خانپور(ن پ ا) خانپور ويجھو ڳوٺ ٻورڙي سيٺار جو رهواسي 60 ورھين جو پيرسن عبدالخالق سيٺار  مبينا طور عورتاڻي آواز تي ھرکجي  اغوا ٿي ويو آھي. عبدالخالق سيٺار گذريل ڏينھن صبح سان رستم شھر مان گھوٽ ٿيڻ لاءِ مٺائي وٺي خانپور جي ڪچي ڪوٽ شاھو ۾ ڪنھن سان ملڻ ويو ھو، موٽر سائيڪل سوار ڪافي ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد عبدالخالق سيٺار سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جو موبائل بند ھجڻ سبب  رابطو نه ٿي سگھيو. جنھن بعد موٽر سائيڪل سوار رستم ٿاڻي تي اطلاع ڏنو. پوليس موجب عبدالخالق سيٺار عورتاڻي آواز تي هرکجي شادي ڪرڻ رستم شھر مان مٺائي ۽ ٻيو سامان وٺي ويو ھو. جيڪو اغوا ٿي ويو آھي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.