صدرجي ڀٽيون ( ن پ ا)صدرجي ڀٽيون ۾ ست مهينا اڳ گهر وارن سان ناراض ٿي 13 سال جو نينگر ذوهيب پٽ راحب ڪلهوڙو پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪيو هو، جنهن کي وارث علاج خاطر ڪراچي جي اسپتال کڻائي ويا هئا، ڪجهه مهينا ڪراچي ۾ علاج بعد نينگر کي گهر منتقل ڪري علاج ڪرايو پيو وڃي. نينگر ست مهينن بعد زندگي جي جنگ هارائي ويو نينگر ذوهيب جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جنهن کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.