اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان ڳوٺ امير بخش خاصخيلي جي رهواسي جوڙي سجاد خاصخيلي ۽ سيما خاصخيلي وڊيو ۾ الزام هڻندي چيو آهي ته 2 سال اڳ ڪورٽ معرفت پيار پرڻو ڪرڻ بعد ناري سيما خاصخيلي جا مائٽ جانين جا دشمن بڻجي ويا آهن، مائٽ بشير احمد، رياض احمد، عبدالله، محمد اسحاق، محمد بخش، صفدر علي، شمن علي، ساجد علي ۽ ٻيا اسان کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ هنن اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو هو ۽ گهر ۾ بيٺل 6 ٻڪريون، ٻه مينهون، چار ڳئون ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ کڻي ويا هئا، هينئر اسان کي مارڻ لاءِ ڳولهي رهيا آهن اسان سمورا گهر ڀاتي 2 سالن دربدر آهيون ۽ گهر خالي ڪري جانيون بچائڻ لاءِ دربدريءَ جو شڪار ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته اهڙي واقعي جو ڪيس اڪري ٿاڻي داخل ڪرايو آهي پر پوليس ڪابه ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي.