ميرپورماٿيلو (رپورٽر) صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي گرفتاري ۽ ڪي ايف سي ڊپٽي مئنيجر عمران نائچ جي ڪراچيءَ ۾ قتل خلاف جسقم پاران ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي جسقم ضلعي اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ. ايڊووڪيٽ نديم ملاڻو، شاهد لغاري، شهريار مرڻاس، بخت مرڻاس ۽ ٻين چيو ته حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ ميرپورماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي سنڌ سرڪار پاران ايم پي او تحت گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي نسل ڪشي جاري آهي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ايف سي ڊپٽي مئنيجر عمران نائچ کي گلشن حديد ۾ قتل ڪيو ويو پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن. هنن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي کي آزاد ڪيو وڃي ۽ شهيد عمران نائچ جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.