قمبر (رپورٽر) قمبر ميونسپل ڪاميٽي  جي صفائي واري ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن رهيل پگهار نه ملڻ ۽ پگهار ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف احتجاج طور ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ميونسپل جي ايوان تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اسلم گوپانگ، سڌير سومرو، غفار شيخ، نادر شيخ ۽ ٻين چيو ته مهانگائي جي دور ۾ ماهوار رڳو 15 هزار پگهار ڏني وڃي ٿي، اپريل ۾ اسان کي عيد هجڻ باوجود رڳو اڌ پگهار ڏني وئي، هنن مطالبو ڪيو ته 25 هزار پگهار مقرر ڪري بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.